آبادگارن لاءِ معلوماتي مرڪز
سنڌ
آن فارم واٽر مئنجيمينٽ پراجيڪٽ تحت آبادگارن لاءِ
ٽي معلوماتي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي ميڊيا
ائنڊ ڪميونيڪيشن سيل، ٽرانزيشن ونگ سيڊا ۽
ڊائريڪٽوريٽ آف ايگريڪلچر انفارميشن جي گڏيل
نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن:
معلوماتي
مرڪزن جا هنڌ
·
ميرپورخاص
–
نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۾
·
گھوٽڪي - گھوٽڪي فيڊر ڪئنال ۾
·
حيدرآباد
–
ليفٽ بئنڪ ڪئنال ۾
مقصد:
آبادگارن
لاءِ انهن ٽن معلوماتي مرڪز جي قيام مقصد،
آبادگارن جي آبپاشي، پاڻي انتظام، زراعت ۽ مارڪيٽ
جي ضروري معلومات تائين سولي رسائيءَ لاءِ موقعو
فراهم ڪرڻ آهي.
حتمي مقصد (Goal)
هنن
معلوماتي مرڪزن جو حتمي مقصد آبپاشي ۽ زراعت کاتن
کي مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن زرعي پيداوار، جيڪا ملڪ
جي اقتصاديت جي ڪرنگھي جي حيثيت رکي مضبوط بنايو
وڃي.
سهولتون:
·
مانيٽرنگ جي نظام وسيلي آبادگارن کي انفارميشن
ٽيڪنالاجيءَ جون خدمتون مهيا ڪرڻ، اهڙي معلوماتن
۾ موسمي فصل، مٽيءَ جي چڪاس، موسم ۽ مارڪيٽ جا
فصلن، جيتن، ٻجن ۽ پاڻن بابت معلومات اپائن ۽
صلاحن سميت شامل آهي.
·
جديد ٽيڪنالاجيءَ کان متعارف ڪرائڻ لاءِ هارين ۽
آبادگارن لاءِ تربيتن جو انتظام ڪرڻ ۽ هن وسيلي
تازي فني ۽ ٻي ضروري ڄاڻ آبادگارن کي مهيا ڪرڻ ته
جيئن اهي پنهنجو ٻني ٻارو بهتر نموني سنڀالي سگھن.
·
فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عملي لاءِ پيدوار ۽ ترقيءَ بابت
مواد جي فراهمي ترجيئن هارين ۽ آبادگارن کي جديد
زراعت ۽ زرعي جي زرخيزيءَ ڄاڻڻ جي تعليم ڏيئي
سگھجي.
معلوماتي
مرڪزن جي دستياب معلومات
·
سنڌ آن فارم واٽر مئنجيمينٽ پراجيڪٽ سان لاڳاپيل
سرگرمين جي معلومات، جيڪي پراجيڪٽ هلائيندڙ ادارن
پاران هلندڙ آهن ۽ اڳتي شروع ٿيڻيون آهن.
·
ڇپيل مواد جھڙوڪ بروشر، رسالي، وڊيوز، تصويرون ۽
ماهوار/پندرنهوار رسالا، جيڪي ڊي جي، اي اِي ائنڊ
ڊبليو ايم ۽ ميڊيا ائنڊ ڪميونيڪشن پاران جاري ٿيڻا
آهن.
·
آبپاشي نيٽ ورڪ جا تفصيل، ٽن ايريا واٽر بورڊن سان
واسطيدار.
·
قاعدن ۽ قانونن ۽ معاهدن جا دستاويز، آبادگار
تنظيمن ۽ واٽرڪورس ايسوسيئشن سان واسطيدار.
·
انٽرنيٽ جي سهولت، رڳو آبپاشي ۽ زراعت جي مقصد
لاءِ.
·
بئرجان ۽ مختلف ڪئنال تي پاڻيءَ جي دستيابي بابت
تفصيل، ڪئنال برانچن، ڊسٽريبيوٽرين ۽ مائينرن،
موڳن ۽ پاڻيءَ وارا بندي جون فهرستون.
·
ليزر ليولز جي سامان جي استعمال متعلق مواد جي ڄاڻ
·
ڊي جي، اِي اِي ائنڊ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچرل
انجيئنيرنگ ائنڊ واٽر مئنيجمينٽ جي نگرانيءَ ۾ اي
ڊي پي اسڪيم تحت آبادگارن پاران زمين جي سطح هموار
ڪرڻ
(Land
Leveling)
جي ڪم ۾ اڳڀرائي.
·
ويب سائيٽ، جتان آبادگار تنظيمن کي سولائيءَ لاءِ
گھربل ۽ ضروري ڄاڻ ملندي سگھندي.
·
اگھن بابت ڄاڻ، زرعي پيدوار جي مارڪيٽ ڪرڻ ۽ مختلف
فصلن جي فراهمي جي دستيابي جا ذريعا.
معلوماتي مرڪزن ۾ رکيل ٻي
اهم ڄاڻ
ايريا
واٽر بورڊن، آبادگار تنظيمن ۽ واٽرڪورس ايسوسيئشنز
جي عمل متعلق محورو ڇپيل مواد سنڌي زبان ۾ لاڳاپيل
قانون ۽ ضابطن جا دستاويز. ان کانسواءِ ليزر
يونٽين وسيلي زمين جي سطح هموار ڪرڻ/لئند ليونگ جي
جديد ٽيڪنالاجي آءِ پي ايم ۽ آءِ پي ۽ سوائل
نيوترئينٽ مئنيجمينٽ پروگرام بابت ڇپيل مواد هنن
معلوماتي مرڪزن تي موجود آهي.